بزمِ غالب ملڪاڻي

بزمِ غالب ملڪاڻي: علمي، ادبي تنظيم جيڪا عالم، اديب ۽ شاعر علامه احمد مجتبيٰ ’غالب‘ ملڪاڻي 1988ع ڌاري دادوءَ ۾ قائم ڪئي. هن بزم جو سرپرست اعليٰ علامه احمد مجتبيٰ غالب مالڪاڻي، پھريون جنرل سيڪريٽري ساغر جعفري (هڪ سال لاءِ) ۽ ان کان پوءِ تابش بخاريءَ مقرر ٿيا. بزم پاران دادوءَ ۾ هر مھيني ’آل سنڌ مشاعرو‘ منعقد ڪرايو ويندو هو. ان کانسواءِ ’غالب پبليڪيشن‘ جو بنياد رکي 12 کن علمي ادبي ڪتاب شايع ڪرايا ويا. 21 جنوري 2008ع تي غالب مالڪاڻي جي وفات تائين هي بزم سرگرم رهي. 2013ع ۾ هن بزم جو سرپرست اعليٰ زاهد علي ملڪاڻي مقرر ٿيو. 2013ع کان هيءَ بزم ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري ۾ الطاف ملڪاڻي، محبوب سنڌي، ذوالفقار علي زلفي، غلام اصغر گاڏهي، مصري جمالي ۽ ٻين اديبن ۽ شاعرن جي سھڪار سان ڪم ڪري رهي آهي. ڪوٽڙي جي بستيءَ واري علائقي ۾ ’پيغامِ سنڌ لائبرري‘ ۽ آفيس قائم ڪري هر هفتي جمعي جي ڏينھن ادبي گڏجاڻين سان گڏ، ڪيترن ئي اديبن سان رهاڻيون ملھائڻ ۽ مرحوم اديبن جي ياد ۾ الطاف ملڪاڻي جي سربراهي ۾ پروگرام ڪرايا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو